عوام کي خبر آهي مشڪل وقت ۾ ڪير ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو هو: مراد علي شاهه جي نوازشريف تي تنقيد

سيوهڻ: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نوازشريف ملڪ واپس اچڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي. عوام کي سڀ خبر آهي ته مشڪل وقت ۾ ڪير ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو هو.

سيوهڻ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه چيو ته عوام کي سڀ خبر آهي ته ڪير مشڪل وقت ۾ گڏ رهيو ۽ ڪير ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي خلاف ماضي ۾ به ڪيترائي اتحاد ٺهيا ۽ ناڪام ٿيا، هن ڀيري سنڌ ۾ اڻ تجربيڪار اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي وڏي وزير چيو ته بشير ميمڻ پوليس وارو آهي ان کي سياست جو ايترو وڏو تجربو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف ملڪ واپس اچڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي. 8 فيبروري پيپلز پارٽي جي فتح جو ڏينهن هوندو.

ياد رهي ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي ايس 77 سيوهڻ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.