شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 16 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 16 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز ماڻيندڙ بينظير ڀٽو ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريتن سان مهاڏو اٽڪايو

 جمهوريت جي بحالي واري جاکوڙ دوران سندس والد ۽ ٻن ڀائرن به شهادت ماڻي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي دوران شهيد ڪيو ويو

شهيد راڻي جي سورهين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو سميت مختلف شهرن ۾ قران خواني جيالن پاران رت جا ڏيئا ٻاري شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش پيش ڪئي پئي وڃي

 شهيد والده جي ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ذريعي پاڪستان جي ترقي کي تباهه ڪيو ويو

هن چيو ته شهيد بينظير سدائين عام ماڻهن ۽ پٺتي پيل طبقن جو آواز بڻجي حقيقي نمائندگي ڪئي، عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جو منشور شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن جو عڪس هوندو

  • TA