ايندڙ سال جو وزيراعظم بلاول ئي ٿيندو: مراد شاهه

سيوهڻ: سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير پنهنجي اباڻي ڳوٺ واهڙ کان ريلي جي صورت ۾ هزارين ماڻهن سان آر او آفيس ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي تعداد ۾ ماڻهن منهنجو استقبال ڪيو آهي، شڪر گذار آهيان تڪ جي ووٽرن جو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي فتح ڏسي رهيو آهيان ۽ پنجاب، بلوچستان مان ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شموليت پڻ ڪري رهيا آهن.

هن چيو نواز ليگ وارا اليڪشن مهم هلائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪمري کان به ٻاهر نٿا نڪري سگهن، پنجاب، بلوچستان مان ته اليڪشن کٽينداسين پر سنڌ ۽ ڪي پي ڪي مان به وڏي انگ ۾ سيٽون کڻنداسين ۽ انشاءَالله پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي ٿي اڀرندي

مراد علي شاهه چيو ته 2024 ۾ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿي حلف کڻندو، سنڌ جي هر چونڊ تڪ ۾ اسان کي سوين اميدوار ملي رهيا آهن ۽ مخالفن کي هڪ اميدوار به نٿو ملي ۽ مخالف ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن

هن چيو ته ٽن مهينن ۾ اليڪشن ٿيڻي هئي مگر حد بندين جي ڪري اليڪشن ۾ دير ٿي مگر هاڻي اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهي، اميدوارن اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن هاڻي عوام جو ڪم آهي انهن کي ووٽ ڏئي ايوانن ۾ پهچائي.

هن وڌيڪ چيو اسلام آباد ۾ بلوچستان جي عورتن تي ٿيل تشدد جي مذمت ڪيان ٿو ۽ جيڪي لاپته ماڻهو آهن انهن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان ۽ لاپته ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي، جيڪي جرم ۾ ملوث آهن انهن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي اندر جيڪي ماڻهو سرڪاري زمينن تي ويٺل هيا اسان انهن کي زمينون الاٽ ڪري ڏنيون آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پاليسي موجب سنڌ اندر 21 لک گهر ٺهرائي رهيا آهيون، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون پروگرام کڻي اليڪشن مهم هلائيندو.

هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪنهن به اميدوار جي ٽڪيٽ جو فيصلو ناهي ڪيو ۽ مون کي به اڃان ٽڪيٽ ناهي ملي، 18هين ترميم جي جيڪي مخالفت ڪن ٿا اهي ملڪ جي ترقي جي خلاف آهن، 18هين ترميم کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ وڌيڪ ترقي ٿي آهي. 18 ترميم کان پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي کي سنڌ صوبي ۾ 2008 کان پوءِ 2010ع ۾ وڌيڪ سيٽون مليون ۽ 2013 کان پوءِ وري 2018ع ۾ اڃان وڌيڪ سيٽون مليون.