آنر سڀ کان تيز چارجر وارو موبائل فون پيش ڪري ڇڏيو

سمارٽ فون بڻائيندڙ چيني ڪمپني آنر حيران پنهنجين مخالف ڪمپنيني کي پٺتي ڇڏيندي 33 يا 50 واٽ نه پر 100 واٽ چارجر سان گڏ نئون فون پيش ڪري ڇڏيو.
ڪمپني آنر 90 جي ٽي کي جتي 100 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو آهي اتي ئي ان ۾ 5 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري به ڏني وئي آهي.
آنر 90 جي ٽي کي 12،16 ۽ 24 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري سميت ڊجيٽل ميموري اسپيس ۾ متعارف ڪرايو ويوآهي.
فون کي 6-7 انچن جي اسڪرين جڏهن ته فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻين سيڪيورٽي فيچرز سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
فون ۾ ٽن بدران ٻه بيڪ ڪيمرائون ۽ هڪ ئي سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي، پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ڪيمرائن کي سوني جي ٽيڪنالاجي سان اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 50 جڏهن ته ٻي 12 ميگا پڪسل جي آهي ۽ فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
آنر 90 جي ٽي کي اينڊرائڊ 14 آپريٽنگ سسٽم ۽ سنيپ ڊريگن چپ سان ليس ڪيو ويو آهي.
فون جي 12 جي بي ماڊل جي قيمت پاڪستاني هڪ لک رپيا، 16 جي بي ماڊل جي قيمت هڪ لک 15 هزار رپيا جڏهن ته 24 جي بي ريم واري ماڊل جي قيمت پاڪستان هڪ لک 47 هزار رپين تائين رکي وئي آهي.