واشنگٽن: پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون. خانگي ٽي وي چينل موجب آمريڪا ۾ سمنڊ پار پاڪستاني واپارين سان ڳالهائيندي جنرل عاصم منير خاطري ڪرائي ته عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون
ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ پاڪستاني نسل جي واپاري تنوير احمد خانگي ٽي وي کي ٻڌايو ته ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ۾ آرمي چيف تحريڪ انصاف جي ان وقت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هڪ درخواست جي حوالي سان جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ان درخواست جي ڪري اليڪشن ۾ دير ٿئي به ٿي ته سينيٽ اليڪشن اڳتي نه ٿيندي، ۽ پاڪستان ۾ سينيٽ جون چونڊون مارچ ۾ ٿيڻيون آهن. تنوير احمد موجب آرمي چيف اليڪشن بابت سوال تي چيو ته جيستائين منهنجي معلومات آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿي رهيون آهن
هن چيو ته پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ان حوالي سان اها پنهنجي تياري ڪري رهي آهي، پاڪ فوج سيڪيورٽي حوالي سان مدد ڪندي. آرمي چيف چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ان حوالي سان پاڪ فوج پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جا جوان هر قسم جي صورتحال کان واقف آهن