پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ ٽوئٽر(ايڪس) جي سروس معطل

اسلام آباد: پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٽوئٽر(ايڪس) جي سروس معطلي جو شڪار آهي. ڊائون ڊيٽيڪٽر موجب سڄي دنيا مان تقريبن 70 هزار شڪايتون مليون آهن.

سروس ميسر نه اچڻ تي سوشل ميڊيا صارفين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان باري ۾ اڃان تائين ٽوئٽر انتظاميه طرفان ڪنهن به قسم جو وضاحتي بيان سامهون نه اچي سگهيو آهي.

رپورٽن موجب ايڪس تي ويندڙ صارفين کي ريگولر ٽوئٽس جي جڳهه ويڪم ٽوئٽر ٽائيم لائين لکيل نظر آيو جنهن مان خبر پئي ٿي ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ سان ڪو وڏو مسئلو ٿيو آهي