آئين ٽُٽي ٿو ته ججز هار پارائيندا آهن، 75سالن کان اِهو تماشو ڏسي رهيا آهيون: نواز شريف

مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته آئين ٽوڙيو وڃي ٿو ته جج هار پارائين ٿا، 75 سالن کان اهو ئي تماشو ڏسي رهيا آهيون

لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان آئين پاڻ ئي ٽوڙايون ٿا، پارليامينٽ ٽٽي ٿي ۽ وزيراعظم جيل وڃي ٿو ته چئون ٿا ته بلڪل ٺيڪ ٿيو آهي

نواز شريف چيو ته پاڪستان کي هاڻوڪين حالتن تائين اسان ئي پهچايو آهي، اسان جي خلاف اهو سڀ ڪجهه ڀارت، آمريڪا يا افغانستان نه ڪيو آهي

اڳوڻي وزير اعظم وڌيڪ چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ انجنيئرنگ ڪئي وئي، سليڪٽڊ شخص کي 4 ووٽن جي برتري سان وزيراعظم بڻايو ويو

The judges give up when the constitution breaks down