صنم جاويد جيل مان مريم نوازجي مقابلي ۾ چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور:  پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ صنم جاويد جيل مان مريم نواز جي مقابلي ۾ چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

صنم جاويد جي والد ٻڌايو ته صنم جاويد لاهور مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي پي 150 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندي. صنم جاويد جي والد موجب صنم پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز جي مقابلي ۾ چونڊون وڙهندي. سندس چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ لاڳاپيل دستاويز گڏ ڪري رهيا آهيون.

والد چيو ته صنم جاويد جا نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪندس هو پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهندي ۽ عورتن جي مخصوص سيٽ تي به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندي.