تڪ بنديون چيلينج ڪرڻ جي درخواست رد: ڪنهن کي به چونڊون دير جو شڪار ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ بلوچستان ۾ تڪ بنديون چيلينج ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به چونڊون دير جو شڪار ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ بلوچستان جي تڪ پي پي 12 ۾ تڪ بندي بابت نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران وقتي چيف جسٽس درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته عام چونڊن جي تاريخ اچڻ سان ملڪ ۾ ٿورو گهڻو استحڪام آيو آهي ڇا اوهان ملڪ ۾ استحڪام نٿا چاهيو؟ عام چونڊن جي تاريخ اچڻ ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي.

جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل قمر افضل چيو ته چونڊ تڪ بندي بابت غلط فيصلو ڪيو ويو جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چونڊ پروگرام جاري ٿي چڪو آهي هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن درخواستن تي فيصلو ڏينداسين ته چونڊ عمل متاثر ٿيندو.

جسٽس منصور درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان چونڊون وقت تي نٿا چاهيو ته عدالت ۾ بيان ڏيو، چونڊن کي ڪنهن به صورت ۾ ملتوي ٿيڻ نه ڏينداسين.

جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿيڻ گهرجي نه ئي وري ڪنهن کي چونڊون دير جو شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين. چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ چونڊ تڪ بنديون تبديل نٿيون ٿي سگهن جنهن کان پوءِ عدالت تڪ بنديون چيلينج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

  • شيئر