تيل سستو ٿيڻ باوجود عوام کي رليف نه مليو، عام واهپي واريون شيون مهانگي اگهن تي وڪرو

لاهور: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ باوجود عوام کي رليف نه ملي سگهيو، عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي

تفصيل موجب راولپنڊي جي آچر بازار ۾ ادرڪ 4 سئو 50 رپيا، بصر 200 رپيا، پٽاٽا 100 رپيا، ٽماٽا 100 رپيا، بند گوبي هڪ سئو ويهه رپيا، ٿوم 5 سئو رپيا ڪلو وڪرو ٿي، شهرين جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شيون ۽ ڊالر جي قيمتن ۾ لاٿ جو عام ماڻهن کي ڪهڙو فائدو پهچي ٿو.  عام واهپي جون شيون ته اسان جي پهچ کان پري ٿينديون پيون وڃن

آچر بازار ۾ فروٽ جي  اگهن ۾ به لاٿ نه اچي سگهي. صوف 150 کان 300 رپيا، ڏاڙهون 350 رپيا ڪلو ۽ انگور 200 کان 350 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿيڻ لڳا، واپاين جو چوڻ آهي ته جيستائين پيٽروليم شين سان گڏ ٽرانسپورٽر ڀاڙا گهٽ نه ڪندا تيستائين شين جي قيمتن ۾ لاٿ نٿا ڪري سگهون

Despite the cheapness of oilthe people did not get relief