سنڌ هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالت کي ماڙي جلباڻي واقعي جو ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالت کي ماڙي جلباڻي واقعي جو ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

 درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته پوليس ڪيس کي سي ڪلاس ڪري رپورٽ واڳيل عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي، عدالت واڳيل ماجسٽريٽ جي عدالت کي ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڊي آءِ جي کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ڇا ڪري آيا آهيو، عدالت کي ٻڌايو، ڊي آءِ جي چيو ته شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا آهن ۽ بيانن جو جائزو ورتو آهي پر بيان ڪيس جي حمايت نه ٿا ڪن، ڪيس جو عبوري چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي

 جسٽس امجد سهتو چيو ته توهان جي ايس ايس پي ٻڌايو هو ته جوابدار نامعلوم آهن، توهان چئي رهيا آهيو ته جوابدارن جا منهن ڍڪيل هئا

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هي ڪڏهن چون ٿا ته ڳوٺاڻن کي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي، ڪڏهن چون ٿا ته هنن کي نامعلوم جوابدارن قتل ڪيو آهي، عدالت ڪيس جي جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي