آرمي چيف جي آمريڪي دفاع واري وزير سان ملاقات: اهم معاملن تي ڳالهيون

نيويارڪ: آمريڪا ۾ موجود پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير آمريڪي دفاع واري وزير الائيڊ آسٽن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پينٽاگون جي ترجمان ميجر جنرل پيٽ رائڊر موجب آمريڪي دفاع واري وزير الائيڊ آسٽن آرمي چيف جنرل عاصم منير جي پينٽاگون ۾ ميزباني ڪئي.

آمريڪي اختيارين ٻڌايو آهي ته ملاقات جي دوران علائقائي سلامتي بابت تازي اڳڀرائي تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون. ٻطرفي دفاعي تعاون جي امڪاني شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.

ياد رهي ته جنرل سيد عاصم منير جو آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ آمريڪا  جو اهو پهريون دورو آهي