ملڪ ۾ ٿڌيون هوائون داخل، برسات جو امڪان

ڪراچي : موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ ٿڌين هوائن جي اچڻ سان اڪثر شهرن ۾ برسات جو به امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ ٿڌ ۽ خشڪ موسم رهڻ جو امڪان آهي.

پشاور، چارسده، نوشهره، مردان ۽ صوابي ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ موسم ٿڌي ٿيڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي پشاور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 7 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 19 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙ اڄ به برقرار رهيون ۽ سڀاڻي به برقرار رهڻ جو امڪان آهي. ڊرائيورن کي احتياط کان ڪم وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Cold winds have entered the country