اداڪاره زرين خان گرفتار ٿيڻ کان بچي وئي

ممبئي : 2018ع جي دوکو ڏيڻ واري ڪيس ۾ عدالت مشهور بالي ووڊ اداڪارا زرين خان جي عبوري ضمانت جي درخواست منظوري ڪري ورتي.
رپورٽ موجب زرين خان جي خلاف ڪولڪتا جي نارڪل ڊنگه پوليس اسٽيشن ۾ دوکو ڏيڻ جو ڪيس رجسٽرڊ آهي جنهن جي اڄ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.
سيالدا ڪورٽ زرين خان جي درخواست تي 26 ڊسمبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي ۽ کيس 30 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، کيس پرڏيهه سفر ڪرڻ لاءِ عدالت کان اجازت وٺڻي پوندي.
جاچ آفيسر زرين خان خلاف عدالت ۾ چارج شيٽ جمع ڪرائي هئي. ان دوران زرين خان نه ضمانت واري درخواست داخل ڪئي هئي ۽ نه ئي عدالت ۾ پيش ٿي هئي جنهن تي سندس خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.
2018ع ۾ اداڪارا کي هڪ تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي جنهن ۾ هوءَ شريڪ نه ٿي هئي ۽ انتظاميا کي ڳرو نقصان ٿيو هو. انتظاميا اداڪارا ۽ سندس مئنيجر خلاف دوکو ڏيڻ جي شڪايت ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي.