انتقام وٺڻ نه ٿو چاهيان حساب وٺڻ ته ٺهي ٿو: نواز شريف

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته انتقام وٺڻ نه ٿو چاهيان حساب وٺڻ ته ٺهي ٿو، 8 فيبروري تي وڏي عدالت لڳندي، خبر پوندي ته ڪير سسلين مافيا آهي ۽ ڪير عوام سان سچو آهي

نون ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف پارٽيءَ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب دوران چيو ته مون ڪڏهن به جنرل باجوا ۽ فيض حميد خلاف سازش نه ڪئي، مون جنرل راحيل شريف خلاف به سازش نه ڪئي هئي

هن چيو ته سازش ۾ ڪير ڪير شريڪ هئا انهن جو پتو لڳائڻ گهرجي، چيو وڃي ٿو ته مان انتقام وٺڻ لاءِ آيو آهيان، ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انتقام نه وٺندس پر حساب ڪتاب وٺڻ ته ٺهي ٿو

نواز شريف چيو ته ججز منهنجي لاءِ سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جهڙا رمارڪس ڏنا، ڇا ججز کي هڪ چونڊيل وزيراعظم لاءِ اهڙا رمارڪس جڳائين پيا، منهنجي خلاف اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو جيڪو دنيا ۾ مذاق بڻجي ويو

I don't want to take revenge