دلير نرس پنهنجو جگر ڏئي ٻارڙي جي حياتي بچائي ورتي

رياض : سعودي عرب جي القطيف سينٽرل اسپتال جي سعودي نرس زهرا الزوري پنهنجي جگر جو ٽڪرو عطيو ڪري ٻارڙي جي زندگي بچائي ورتي.

سعودي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ نرس پنهنجي متاثر ڪندڙ تجربي بابت ٻڌايو ۽ پنهنجا جذبات به شيئر ڪيا.

زهرا الزوري جو چوڻ آهي ته هوءَ مڃي ٿي ته ننڍي عمر ۾ ئي عضوا عطيا ڪرڻ گهرجن، اهڙي ڪم لاءِ وڏي ڄمار جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. ڪي ماڻهو وڏي ڄمار ۾ يا مرڻ کان پوءِ عضوا عطيو ڪرڻ جو معاملو ڇڏي ڏيندا آهن، اهڙي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن عضون جو عطيو بي معنيٰ بڻجي ويندو آهي. عضوا گهڻو ڪري بي اثر ٿي ويندا آهن.

زهرا الزوري وڌيڪ چيو ته 9 ورهين جي علي جي زندگي بچائڻ لاءِ جگر عطيو ڪرڻ جو فيصلو پهريان ته ڏکيو هو پر عطيو ڏيڻ جو فيصلو مڪمل سمجھاڻي سان ڪيو ويو، ڪنهن به مشاورت جي ضرورت نه هئي.

سعودي نرس جو چوڻ آهي ته اسان جي معاشري ۾ عضون جو عطيو عام رواج ناهي. هن اسپتال ۾ ڪم ڪندي جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو، اهو عضون جي عطيي لاءِ هڪ وڏو حوصلو بڻجي ويو.

عضوا عطيو ٿيڻ کان پوءِ صحت جي ضمانت جي ڪري ڪميونٽي پڻ هن عمل کي قبول ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ٻارڙي جي وارثن جگر عطيو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا آهن.