پهرين ڊسمبر کان پيٽرول 7 روپيه، ڊيزل 6 روپيه سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پهرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جون قيمتون 7 روپيه گهٽ ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اوگرا قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي حوالي سان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ لاٿ جي نتيجي ۾ اوگرا طرفان حڪومت کي اماڻيل سمري ۾ پاڪستان ۾ به پيٽروليم شيون سستيون ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن جي تحت پيٽرول جي قيمت ۾ 7 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف آئل مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن هفتيوار پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان آئل مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن جي چيئرمين ۽ آئل مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن جي صدر وزير علي وزارت پيٽروليم ۽ چيئرمين اوگرا کي خط لکي ڇڏيو آهي.

On December 1stpetrol is expected to be cheaper by Rs 7