آصف زرداري جو انٽرويو، بلاول ڀٽو زرداري اوچتو دبئي روانو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اوچتو دبئي روانو ٿي ويو.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٿري پيز ۽ فور پيز جو فرق ٻڌائي ٻڌايو ڇڏيو ته پيءُ پيءُ هوندو آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پ پ اليڪشن وڙهندي ان جي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار بلاول وٽ نه مون وٽ آهي، بلال کي جيڪا ٽڪيٽ جاري ٿيندي ان تي به صحيح هن جي هوندي.
اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته بلاول اڃا تربيت هيٺ آهي، نئي نسل جي سوچ اها آهي ته بابي ڪا خبر ناهي، آصف علي زرداري جي انٽرويو جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري ايڪس تي پنهنجي پروفائيل تبديل ڪري ڇڏي، نئين تصوير ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي بلاول جي ڪلهن تي هٿ رکي مرڪندي ڏسي سگھجي ٿو ڄڻ بلاول چئي رهيو هجي ته مون وٽ ماءُ آهي.
چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري دبئي روانو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر نفيسه شاهه به پ پ چيئرمين جي بيان سان اختلاف ڪندي چيو ته سياست ۾ نوجوانن ۽ تجربيڪار سياستدانن جو فرق هجڻ گھرجي.

Interview with Asif Zardari