چوڌري پرويز الاهي جسماني ريمانڊ خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جسماني ريمانڊ جي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

چوڌري پرويز الاهي جسماني ريمانڊ ڏيندڙ سيشن جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب طرفان داخل ڪيل ڪيس مان ڊسچارج ڪيو، مئجسٽريٽ جسماني ريمانڊ جي استدعا کي رد ڪيو. سيشن جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ اپيل ۾ جسماني ريمانڊ جو فيصلو ڏنو.

پي ٽي آءِ جي صدر درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته جسماني ريمانڊ بنيادي حقن جي ابتڙ آهي. جسماني ريمانڊ سان جسماني، ذهني تشدد ۽ زندگي کي خطرو آهي. جنهن ڪري سپريم ڪورٽ جسماني ريمانڊ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.