پ پ جا ڪي پي ڪي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

پشاور: پاڪستان پيپلز پارٽي کي سياسي طور تي خيبرپختونخواهه ۾ وڏو نقصان پهتو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير ارباب عالمگير ۽ سندس گهر واري عاصمه عالمگير پارٽي رڪنيت تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڄوڪي پشاور جي دوري دوران اهڙو فيصلو ڪيو ويو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي عاصم عالمگير چيو ته مون پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.  هن چيو ته پارٽي جي مرڪزي ۽ صوبائي عهديدارن  وچ ۾ اختلافن سبب استعيفيٰ ڏئي رهي آهيان. ڪجهه ماڻهو خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي کي ڪمزوري ڪري رهيا آهن.

عاصمه عالمگير چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جيان هر وقت پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. پارٽي ۾ منهنجو عهدو ڪجهه مرڪزي ۽ صوبائي عهديدارن کي برداشت نه ٿي رهيو هو. پيپلز پارٽي ۾ مون کي  شهيد بينظير ڀٽو وٺي آئي هئي، پارٽي عهدو ڇڏيو آهي پارٽي کي نه. هن وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اهڙن معاملن کي ڪيئن نظر انداز ڪري سگهي ٿو؟ هو پنهنجي ناني ۽ ماءُ جي پارٽي جي اهڙي حالت ڪيئن ڏسي سگهندو. پيپلز پارٽي ڇڏڻ يا ڪنهن  ٻئي پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو جلد مشاورت کان پوءِ ڪندس.

عاصمه عالمير سان گڏ سندس مڙس ارباب عالمگير به پ پ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته نااهل قيادت سبب خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي جو وجود ختم ٿي رهيو آهي. اڳواڻن کي ڪيترائي ڀيرا صورتحال کان آگاهه ڪري چڪا آهيون پر ان تي ڪوبه ڌيان نه پيو ڏنو وڃي جنهن کان پوءِ مجبور ٿي پارٽي رڪنيت تان استعيفائون ڏنيون آهن.