عام چونڊن جون تياريون: اليڪشن ڪميشن اي ايم ايس جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن جون تياريون جاري آهن. جنهن سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن چئني صوبن ۾ اي ايم ايس جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن مختلف ضلعن ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنرز، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرز جي آفيسن ۾ اي ايم ايس جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. اي ايم ايس سسٽم جو تجربو جديد گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو

اي ايم ايس ذريعي نتيجا انٽرنيٽ ۽ بنا انٽرنيٽ جي به اماڻي سگهبا. پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي پولنگ اسٽيشن جا نتيجا ريٽرننگ آفيسرن ڏانهن اماڻيندا.

ريٽرننگ آفيسر رزلٽ تيار ڪري ڊيجيٽل مينوئل طريقي سان اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيندو. هر ريٽرننگ آفيسر کي 4-4 ڊيٽا انٽري آپريٽر ڏنا ويندا.

اليڪشن ڪميشن طرفان ڊيٽا انٽري آپريٽرز کي به ٽريننگ ڏني پئي وڃي. اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا وچ ۾ سرور هوسٽنگ جو معاهدو به طئي ٿي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن وٽ ڊيٽا محفوظ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو سرور موجود نه آهي جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي لاءِ نادرا جي سرور جو سهارو وٺندو. اليڪشن ڪميشن نادرا جي سرور هوسٽنگ جي مد ۾ ڪرايو ادا ڪندو.