عدالتي نظام کي جديد بڻائڻ جو فيصلو، چيف جسٽس ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ جدت آڻڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر کانسواءِ هاءِ ڪورٽس ۽ وفاقي شريعت ڪورٽ جا ججز پڻ شامل آهن.
سپريم ڪورٽ جي پڌرنامي موجب، نيشنل جڊيشل آٽوميشن ڪميٽي آرٽيفشل انٽيليجنس سميت عدالتي نظام ۾ جدت تي قومي پلان مرتب ڪندي، آٽوميشن ڪميٽي عدالتي نظام ۾ ڊجيٽل جدت آڻيندي ۽ انصاف جي بهتري سان گڏ ڪيسن جي طريقيڪار لاءِ موبائيل ايپ ٺاهيندي.
پڌرائي چيو ويو آهي ته ڪميٽي عدالتي نظام ۽ تحقيق ۾ هٿرادو ذهانت کي متعارف ڪرائيندي، جسٽس منصور علي شاهه سمجهي ٿو ته عدليا کي ٽيڪنالاجي ۾ جدت اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ سندس چوڻ آهي ته دنيا صنعتي انقلاب کان ٽيڪنالاجي ڏانهن وک وڌائي چڪي آهي، هي ئي وقت آهي پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ تربيتي پروگرامز متعارف ڪرايا وڃن.
جسٽس محمد علي مظهر جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته انصاف جي شعبي جي ڊجيٽلائزيشن ان تبديلي جي شرواعت آهي جنهن جو قانوني نظام ۾ تصور ڪيان ٿو، وقت سان گڏ ڊجيٽل صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انصاف تائين پهچ وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي يقين رکان ٿو، ملڪ لاءِ هڪ شفاف ۽ اثرائتو قانوني عمل يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيان.
سپريم ڪورٽ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس منصور لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنهنجي دور ۾ ريسورس سينٽر ۽ مخصوص آٽو ميشن پروجيڪٽ شروع ڪيو، جسٽس منصور علي شاهه جي شروع ڪيل نظام سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس فلو مئنيجمينٽ سسٽم ٺهيو جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آءِ ٽي ٽيڪنالاجي آڻڻ لاءِ قدم کنيا.
پڌرائي موجب، نيشنل جڊيشل آٽوميشن ڪميٽي قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جي هڪ ماتحت ڪميٽي آهي، قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جو چيئرمين چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ آهي جنهن جو سيڪريٽريٽ قانون ۽ انصاف ڪميشن ۾ آهي.