برطانوي ڪنگ چارلس جي سالگره جي تقريب ۾ شريڪ ٿي ڏاڍي خوش آهيان: سائره پيٽر

اسلام آباد: (ڪلچرل ڊيسڪ ): پاڪستان جي پهرين اوپيرا اسٽار پاڪستاني ڄائي برطانوي سنگر سائره پيٽر جو چوڻ آهي ته جڏهن به پاڪستان ۽ منهنجا مداح ياد ڪندا آهن، مان هلي ايندي آهيان. اڄڪلهه مان پاڪستان جي خاص دوري تي آهيان ۽ نهايت خوش آهيان مون کي برطانوي هاءِ ڪميشن اسلام آباد ڪنگ چارلس  جي سالگره جي تقريب ۾ خاص طور تي دعوت ڏئي گهرايو .برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سي ايم جي، او بي اي گهڻو ساراهيو .

هو گذريل ڏينهن ڊيجيٽل ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي .سائره پيٽر ٻڌايو ته اسلام آباد لوڪ ورثه جي سالياني فوڪ ميلي ۾ پرفارمنس ڏني ته ان جو به شاندار ريسپانس مليو .هن چيو ته هوءَ ثقافت واري وفاقي وزير جمال شاهه جي درخواست تي علامه اقبال جي ڪلام جوابِ شڪوه کي اوپيرا موسيقي ۾ پيش ڪرڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي .

هن ٻڌايو ته جمال شاهه لوڪ ميلي ۾ عمده پرفارمنس تي مون کي ثقافت واري وزارت پاران خاص شيلڊ سان به نوازيو جنهن تي هوءَ حڪومت جي گهڻي ٿورائتي آهي .سائره وڌيڪ چيو ته هن مهيني پي اين سي اي ۾ منهنجو سولو ڪنسرٽ ٿي رهيو آهي  جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي لوڪ ڪهاڻي تي ٻڌل منهنجي اوپرا  ” مارئي جا ڳوڙها “۽ ٻيا گيت پيش ڪنديس .