پشاور ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن: 4 دهشتگرد مارجي ويا، فوجي جوان شهيد

اسلام آباد:  پشاور جي ڏوراهين علائقي بڊهه پير ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ فوجي جوان شهيد ٿي ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي بڊهه پير ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جتي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا.

مارجي ويل دهشتگردن ۾ ڪمانڊر سميع الله عرف شينائي، دهشتگرد ڪمانڊر سلمان احمد، دهشتگرد عمران محمد ۽ دهشتگرد حضرت عمر عرف خالد شامل آهن.

سمورا دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا جن کان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو. دهشتگرد علائقي ۾ ڀته خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ سميت دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ سرگرم هئا.

ٻيو آپريشن ضلع ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڪيو ويو جتي دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران لانس نائيڪ محمد اعجاز خان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي سڪيورٽي فورسز ملڪ مان  دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

Security forces operation in Peshawar and Dera Ismail Khan: 4 terrorists killed