چين جو صدر 6 سالن دوران پهريون ڀيرو آمريڪا جي دوري تي پهچي ويو

واشنگٽن: چين جو صدر 6 سالن دوران پهريون ڀيرو آمريڪا جي دوري تي پهچي ويو آهي. چين جو صدر شي جن پنگ ايشيا پيسفڪ اڪنامڪ ڪارپوريشن اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا جي شهر سان فرانسڪو پهچي ويو آهي. جتي ڪيليفورنيا جي گورنر ۽ آمريڪي ناڻي واري وزير کيس ڀليڪار چيو. چيني شهرين ايئرپورٽ کان هوٽل تائين قطار ٺاهي سندس آجيان ڪئي.

6 سالن دوران چيني صدر جو اهو پهريون آمريڪا جو دورو آهي جتي صدر شي جن پنگ پنهنجي آمريڪي هم منصب صدر جوبائيڊن سان ملاقات ڪندو. چين ۽ آمريڪي صدر جي ملاقات ۾ اسرائيل فلسطين جنگ يوڪرين جنگ ۽ اقتصادي صورتحال تي ڳالهين جو امڪان آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب بالي ۾ هڪ سال اڳ صدر جوبائيڊن ۽ چيني هم منصب جي اهم ملاقات ٿي هئي ۽ هڪ مفاهمت نامي تي اتفاق ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ هاڻ  هي ٻئي ملاقات ٿي رهي آهي.

چيني صدر شي جن پنگ جي آمريڪا ۾  مصروفين سبب ايشيا پيسفڪ اڪنامڪ کي آپريشن پيڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي به آهي جڏهن ته ان موقعي مان فائدو کڻندي هو آمريڪي صدر سان به ملاقات ڪندو.