جسٽس مظاهر جو شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ بدران جڊيشل ڪائونسل جي جوڙجڪ تي اعتراض

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل طرفان موڪليل شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ بدران ڪائونسل تي ئي اعتراز واري ڇڏيا.
چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 27 آڪٽوبر تي ٿيل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف ريفرنس تي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کائنس ڏهه نومبر تائين جواب طلب ڪيو ويو هو

ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل جي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ بدران ڪائونسل جي جوڙجڪ تي ئي اعتراض واري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، جسٽس مظاهر نقوي طرفان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي اعتراض واريو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر نقوي سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ريفرنس تي ثبوتن جو سمورو رڪارڊ پن گهري ورتو آهي.
ذريعن موجب، مظاهر نقوي جو چوڻ آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شامل ميمبر جانبدار آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جو حصو آهن.
هن چيو ته آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جي ميمبرن کي منهنجي خلاف جڊيشل ڪميشن جو حصو نه هجڻ گهرجي، انصاف جي گهرجن کي نظر ۾ رکيو وڃي۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم افعان کي منهنجي خلاف ڪائونسل جو حصو نه هجڻ گهرجي.
جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي وڌيڪ چيو ته جانبدار سُپريم جڊيشل ڪائونسل طرفان جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس پڻ جانبدار آهي جنهن جو جواب نه ٿو ڏئي سگهجي.