نوازشريف ۽ عمران خان کي چونڊن کان اڳ انصاف ملڻ گهرجي: جاويد لطيف

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ميان جاويد لطيف مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ نوازشريف ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي انعام ڏنو وڃي ته جيئن خبر پئجي سگهي  ته ڪير ملڪ جو خير خواهه آهي.

لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته ڪوبه ڏوهاري آهي ته ان کي به سزا ملڻ گهرجي، ووٽ کي عزت ڏيو جو مطلب آهي ته آئيني ادارا پنهنجي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن. سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ جي تحت چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملڻ گهرجي

نوازشريف جي ڪيسز جو جلد فيصلو ڪرڻ جي اپيل ڪندي هن چيو ته  صرف رياست ئي نه پر هن خطي کي به نوازشريف جي ضرورت آهي ان لاءِ هاڻ آئيني ادارا محسوس ڪري رهيا آهن ته هاڻ نوازشريف جي رستي ۾ انتقام سان ڀريل رنڊڪون اڳيان نٿيون اچي سگهن. نوازشريف جي ڪيسز جي تاريخ چونڊ ڪئي وڃي.

ليگي اڳواڻ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ ملندڙ سهولتن تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان کي جيڪي سهوليتون جيل ٻاهران نه پئي مليون اهي هاڻ کيس جيل  جي اندر ڏنيون ويون آهن. منهنجي ادارن کي گذارش آهي ته اهڙو تاثر قائم نه ٿيڻ گهرجي جنهن مان محسوس ٿئي ته شفاف چونڊون نه ٿي رهيون آهن.

جاويد لطيف سوال اٿاريو ته 9 مئي تي حساس ٺڪاڻن تي حملو ٿيو ته ڇا اهي  سياسي ڪارن هئا يا دهشتگرد هئا، ماسٽر مائنڊ دهشتگرد هو يا سياستدان هو، ميانوالي ايئربيس تي حملو ڪندڙن کي چوندا ته معاف ڪري ڇڏيو ته  اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين.

ميان جاويد لطيف چيو ته آئيني ادارا پاڻ احتساب ڪري رهيا آهن ته اها سٺي ڳالهه آهي، ووٽ کي عزت ملندي  تڏهن ئي ملڪ معاشي دلدل مان نڪري سگهندو. وزيراعظم جيالو هوندو يا متوالو اها ڪنهن جي خواهش ته ٿي سگهي ٿي پر اصل خبر چونڊن کان پوءِ پوندي.