شهيد مرتضيٰ ڀٽو ڪيس ۾ جوابدار عدالت طلب

ڪراچي: شهيد مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي، هڪ به جوابدار پيش نه ٿيو، عدالت ايس ايڇ او ڪلفٽن کي جوابدارن کي نوٽيس تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، طلب ڪرڻ باوجود جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي

عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي شعيب سڊل، اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني، مسعود شريف، شاهد حيات ۽ رائو محمد طاهر سميت 19 جوابدارن کي طلب ڪيو ھو

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ايس ايڇ او ڪلفٽن کي جوابدارن کي نوٽيس تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي 13 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو، فوت ٿي ويل جوابدارن جي به تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻو پوليس اهلڪار شاهد حيات، ذوالفقار احمد، آغا محمد جميل، مسعود شريف، رائو محمد طاهر ۽ شبير قائمخاني فوت ٿي چڪا آهن

 عدالت حڪم ڏنو ته ڪيس ۾ نامزد جيڪي جوابدار فوت ٿي ويا آھن، انھن جي تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي

 مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010ع ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي 70 ڪلفٽن ڀرسان گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو، واقعي کان پوءِ حڪومت ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا جي مدعيت ۾ ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا

In the case of Shaheed Murtaza Bhutto