سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پوليس جي جمع ڪرايل رپورٽ رد، گم ٿي ويلن کي هر صورت ۾ بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿي ويلن جي بازيابي بابت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪندي هر صورت ۾ گم ٿي ويل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

گم ٿي ويلن جي بازيابي بابت درخواستن  جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت پوليس جي  جمع ڪرايل رپورٽن کي روايتي قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿي  ويلن کي بازياب نه ڪرائڻ تي جي آءِ ٽي اختيارين تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس سربراهه کي طلب ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته جي ٽي آءِ اجلاس ۾ گم ٿي ويلن ماڻهن جو پتو نٿو لڳائي سگهجي ته اها ڪارروائي فضول آهي،  اوهان رڳو ماڻهن کي پريشان ڪريو ٿا ٿئي ڪجهه به نٿو. 26 جي آءِ ٽيز اجلاس کان پوءِ گم ٿي ويلن جي خبر ناهي پئجي سگهي  سموريون ڪارروايون اجايون آهن  جنهن کان پوءِ عدالت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اجلاس جي 3 ڏينهن کان پوءِ جي آءِ ٽيز رپورٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته وفاقي گهرو وزارت ۽ دفاع واري وزارت جي رپورٽ تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته هاڻ ائين نه هلندو، گم ٿي ويل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻو پوندو ٻئي صورت ۾ جاچ آفيسر جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت هر صورت ۾ گم ٿي ويل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

گهرو وزارت طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مذڪوره گم ٿي ويل ماڻهو ڪنهن به وفاقي اداري جي حراستي مرڪز ۾ قيد نه آهن جنهن کان پوءِ عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.