آمريڪي حڪومت 25 هزار افغان پناهگيرن جي واپسي روڪڻ لاءِ پاڪستان سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: آمريڪي حڪومت پاڪستان مان 25 هزار افغان پناهگيرن جي واپسي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي نگران حڪومت سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي.

ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني افغان پناهگيرن جي تحفظ لاءِ هاٽ لائن قائم ڪرڻ کان علاوه سڃاڻپ جي لاءِ خط به  جاري ڪري ڇڏيا آهن. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪابل ۾ طالبان حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ يا بعد ۾ افغانستان ڇڏي پناهه جي لاءِ پاڪستان منتقل ٿي ويا هئا.

آمريڪي اختيارين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا کي سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي خطرن ۾ گهيريل ماڻهن جي سلامتي جي حوالي سان آهي جيڪي آمريڪا منتقل ٿيڻ جا خواهشمند به آهن انهن جي سلامتي ۽ ٻيهر بحالي پاڪستان ۽ آمريڪا  ٻنهي جي مفاد ۾ آهي.

آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان جوناٿن اماڻيل هڪ سوالنامي جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت افغان شهرين جي جبري بيدخلي جي منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن وٽ پاڪستان ۾ رهڻ جو قانوني جواز نه آهي پر ڊيڊ لائن جي خاتمي کان ڪجهه اڳ ۽ بعد ۾ آمريڪي سفير بلوم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان رابطا پڻ ڪيا آهن.

آمريڪي اندازي موجب 25 هزار افغان پناهگير آمريڪي اميگريشن ۽ اتان ٻيهر بحالي جا مستحق آهن انهن ۾ مختلف ڪيٽيگري جا ماڻهو به  شامل آهن انهن ۾ پناهه جا طلبگار آمريڪي  شهري ۽ انهن جا خاندان به شامل آهن جڏهن ته ان حوالي سان پاڪستان جي حڪومت سان هڪ فهرست به شيئر ڪئي وئي آهي.