جسٽس عقيل عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي: جسٽس عقيل عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي.
حلف برداري جي تقريب ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس ارشد خان ۽ ٻين ججز توڙي سينئر وڪيل اڳواڻن شرڪت ڪئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيل تقريب دوران سينئر جج جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عقيل عباسي کي عهدي جو حلف کڻايو.
وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان جي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ بعد سينئر جج جسٽس عقيل عباسي کي نئون وقتي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نامزد ڪيو ويو هو.