ورلڊ ڪپ: انگلينڊ جي سرلينڪا خلاف بيٽنگ جاري، چئن وڪيٽن جي نقصان تي 77 رنسون ٺاهي ورتيون

بينگلور:  آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 25هين ميچ ۾ انگلينڊ سريلنڪا جي خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهو ميچ بينگلور ۾ کيڏيو پيو وڃي جتي سريلنڪن ٽيم پهريان فيلڊنگ ڪري رهي آهي. انگلينڊ جي ٽيم 15 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 77 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

انگلينڊ ٽيم جا اوپنرز ٽيم کي سٺي شروعات ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا. ڊيوڊ ملان 28 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. جڏهن ته جوروٽ 3 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو. اوپنر جوني بيرسٽو 31 بالن تي 30 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن ته اڄ به انگلينڊ جو ڪپتان جوز بٽلر خاطر خواهه ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو

ٽاس جي موقعي تي انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر چيو آهي ته وڪيٽ سٺي آهي پچ ۾ نمي آهي. بيٽنگ جي لاءِ سازگار رهندي. اڄوڪي ميچ جي لاءِ ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن.

ان موقعي تي سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان ڪوشال مينڊس چيو هو ته ٽاس کٽيون ها ته اسان به پهريان بيٽنگ کي ترجيح ڏيون ٿا. ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن انجيلو ميتهيوز ۽ ٺهيرو ڪمار اڄ کيڏي رهيا آهن. ڪوشال مينڊس موجب تجربيڪار انجيلو ميٿيوز جي واپسي سان فرق پوندو.

World Cup: England continue to bat against Sri Lanka