پي آءِ اي مالي بحران معاملي ۾ اهم اڳڀرائي: بينڪن مان 7.5 ارب ملڻ جي اميد

ڪراچي: پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز(پي آءِ اي) جي مالي بحران جي معاملي تي ناڻي واري وزارت، ڪمرشل بينڪس ۽ پي آءِ اي اختيارين ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب حڪومتي ضمانت تي پي آءِ اي کي بينڪن مان 7.5 ارب روپيه ملڻ جي اميد آهي. 3 بينڪن مان حڪومتي قرض تي ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ حتمي فيصلي جو امڪان آهي.

قرض ملڻ جي صورت ۾ ملازمن کي وقت تي پگهارون جي ادائيگي ممڪن ٿي سگهندي جڏهن ته قرض ملڻ کان پوءِ ٻارڻ جي تيل جي توازن ۾ به بهتري ايندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته انٽرنيشنل فنانس ۽ وڌيڪ روينيو سيڪٽر تي اڏامن جو تعداد وڌايو ويندو. قرض حاصل ڪرڻ سان مالي پريشانيون ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پي آءِ اي ۾ ٻارڻ جي تيل ۾ کوٽ سبب اندروني ۽ بيروني ملڪ جون اڄ 49 اڏامون ملتوي ٿيون. 10 ڏينهن ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جو انگ 479 ٿي چڪو آهي.