افغان شهرين جي ملڪ واپسي جو سلسلو جاري، وڌيڪ 4239 پناهگير روانا

اسلام آباد: پاڪستان جي حڪومت طرفان ڏنل الٽيميٽم کان پوءِ افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ واپسي جو سلسلو جاري آهي.

رپورٽن  موجب 25 آڪٽوبر تي وڌيڪ 4 هزار 239 افغان شهري پنهنجي ملڪ واپس هليا ويا، واپس ويندڙ افغان شهرين ۾ 965 مرد، 852 عورتون ۽ 2422 ٻار شامل هئا

افغانستان روانگي لاءِ 112 گاڏين ۾ 230 خاندانن جي ملڪ واپسي ٿي. هينئر تائين 72 هزار 219 افغان پناهگيرن جي ملڪ واپسي ٿي چڪي آهي.

ياد رهي ته پاڪستان جي حڪومت طرفان غيرقانوني طور تي پرڏيهين کي پنهنجي ملڪ واپسي جي لاءِ 31 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي.

گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان پوءِ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي گرفتار ڪري ڊي پورٽ ڪيو ويندو.

Repatriation of Afghan citizens continues