سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغاني ۽ ٻيا پرڏيهي 30 آڪٽوبر تائين صوبو ڇڏي وڃن: نگران وڏو وزير

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغاني ۽ ٻيا پرڏيهي 30 آڪٽوبر تائين صوبو ڇڏي وڃن، پهرين نومبر کان غير قانوني پرڏيهين خلاف سخت ڪارروائي شروع ٿي ويندي

سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  غيرقانوني پرڏيهين خلاف پنهنجي وطن موڪليو ويندو، ڪنهن به غيرقانوني کي هتي هاڻ رهڻ نه ڏنو ويندو

 نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران ٻئي ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن جا اوچتا دورا ڪيا، نگران وڏي وزير راڻيپور ۾ سچل سرمست جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ بعد چيو ته درگاهه جي حالت زبون آهي، درگاهه جي مرمت لاءِ ماسٽر پلان جوڙيو ويندو

هن چيو ته نگران وڏي وزير گمبٽ پهچي گمس اسپتال جو دورو به ڪيو، وڏي وزير مقبول باقر لنگ ڪيئر سينٽر، بون ميرو ٽرانسپلانٽ ۽ ڊائلاسز سينٽر جو معائنو ڪيو، وڏي وزير مريضن کان علاج ۽ خوراڪ جي سهولتن بابت تفصيل معلوم ڪيا

 گمس جو دورو ڪرڻ بعد نگران وڏو وزير سکر بيراج پهتو، وڏي وزير کي سکر بيراج جي جاري مرمتي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير چيو ته سکر بيراج جو مرمتي ڪم چيني ڪمپني جي سهڪار سان جاري آهي، لب مهراڻ پارڪ سميت بيراج جي سموري علائقي کي بهتر بڻايو پيو وڃي