قتل ڪيس: پي ٽي آءِ جو اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

پشاور: پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر محمود جان کي قتل ڪيس ۾ جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

قتل جي الزام ۾ گرفتار خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر محمود جان کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت پوليس جي استدعا تي سندس 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته محمود جان  مٿان ملڪيت جي تڪرار تان هڪ شخص کي قتل  ۽ ٻئي کي زخمي ڪرڻ جو الزام آهي. جوابدار جي خلاف ريگي ٿاڻي ۾ قتل ۽ قتل جي ارادي جو ڪيس داخل آهي. جوابدار کان جاچ جي ضرورت آهي ان ڪري ان جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت جاچ جي لاءِ جوابدار کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.