پيمرا فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي خلاف نظرثاني اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: پيمرا فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي جي خلاف نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پيمرا طرفان درخواست واپس وٺڻ جي گڏيل درخواست داخل ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پيمرا نظر ثاني درخواست جي پيروي نٿو ڪرڻ چاهي. داخل ڪيل درخواست موجب فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي جي خلاف نظرثاني درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست تي 28 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پيمرا جي درخواست منظور ڪئي وڃي ۽ فيصلي جي خلاف نظرثاني واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن انٽيليجنس بيورو(آءِ بي) به سپريم ڪورٽ کان نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جي اجازت گهري هئي.

آءِ بي طرفان  سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو هو ته فيض آباد ڌرڻي جو نظرثاني ڪيس 28 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي. آءِ بي نظرثاني درخواست جو دفاع نٿي ڪرڻ چاهي. ان لاءِ اسان پنهنجي نظرثاني درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا.