ڪراچي ۾ متعين عمان جي قونصل جنرل جناب سميع الخنجري جون بي مثال خدمتون

ڪراچي: پاڪستان ۽ عمان جا تعلقات شروع کان ئي بي مثال رهيا آهن. انجنئر سميع عبدالله الخنجري آگسٽ 2022 کان ڪراچي ۾ تعينات عمان جو قونصل جنرل آهي . هو هڪ متحرڪ ۽ انتهائي پرڪشش شخصيت جو مالڪ آهي . هو پيشي جي لحاظ کان ٽيلي ڪام انجينئر آهي ۽ ٽيلي ڪام انجينئرنگ ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪئي آهي . سندس نيڪ نامي جا چرچا پري پري تائين مشهور آهن .

ڪراچي ۾ هيڊ آف مشن طور هي سندس پهرين تعيناتي آهي . ان کان اڳ هو پنهنجي ملڪ ۾ ٽيلي ڪام ڊيپارٽمينٽ جي سربراهه طور تي وزارت ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو هو .هڪ انجينئر طور تي هن پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور نموني سان مڃرايو آهي .

هو انسانيت جو درد پنهنجي دل ۾ رکي ٿو . پوئين سالن ۾ سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي ، ان آفت دورن هن پنهنجي ملڪ مان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان سان ڀريل هڪ جهاز گهرايو هو۽ ان کي متاثرن جي امداد لاءِ پاڪستان جي سرڪار جي حوالي ڪيو هو .

کيس راندين سان به خاص لڳاءُ آهي ، هو اڪثر راندين جي مقابلن ۾ شرڪت ڪندي رانديگرن جي حوصلي افزائي ڪندي نظر ايندو آهي .شهر قائد جي سڀني حلقن ۾ سندس احترام ڪيو ويندو آهي .هو هر دل عزيز شخصيت آهي . واپارين ۾ هو گهڻو ئي مقبول آهي .انجنئر سميع عبدالله سليم الخنجري پاڪ عمان تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي . هن جي پنهنجي ملڪ ۽ پاڪستان لاءِ خدمتون لازوال آهن ، جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي .