جنسي تشدد ۽ گهٽ عمر جي شادين بابت NCSW جو 10 ڏينهن وارو ورڪشاپ

ڪراچي:”جنسي بنياد تي تشدد ۽ گهٽ ۾ شادين جي ذميوارانا رپورٽنگ ۽ نمائندگي تي قومي ميڊيا فيلوشپ“ جو 10 ڏينهن جو ورڪشاپ ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ ختم ٿيو .

فيلو شپ نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف ويمن  (NCSW)  جو فليگ شپ ميڊيا قدم آهي ۽ ان کي اقوام متحده جي پاپوليشن فنڊ (UNFPA) ۽ سينٽر فار ايڪسيلنس ان جرنلزم (CEJ) IBA جي حمايت حاصل آهي.

ورڪشاپ ۾ سڄي ملڪ مان GBV ۽ ٻارن جي شادي جي مسئلن تي رپورٽنگ ڪرڻ وارن 40 صحافين شرڪت ڪئي . ورڪشاپ ۾ ملڪ جي چئني صوبن جي نمائندگي هئي .صحافي انگريزي ، اردو ۽ علائقائي ميڊيا ۽ پرنٽ ، ريڊيو ، ٽي وي ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارم سان تعلق رکندڙ هئا .

ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيندڙن کي جي بي وي ۽ گهٽ عمر ۾ شادي جي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو ۽ ٽرينرز ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته ڪهڙيءَ ريت حساسيت ۽ ذميواري سان انهن علائقن جي باري ۾ رپورٽنگ ڪئي وڃي .شريڪ ٿيندڙن کي موبائيل جرنلزم، ڊيٽا جرنلزم ۽ ڊيجيٽل جرنلزم جهڙيون مهارتون به سيکاريون ويون .

اين سي ايس ڊبليو 2022 ۾ جي بي وي ۽ چائلڊ ميرج تي پهرين نيشنل ميڊيا فيلو شپ شروع ڪئي جيڪا ڪاميابي سان 162 جي بي وي ۽ گهٽ عمر جي شادي جي ڪهاڻين سان سڀني ميڊيمز ۾ شايع ٿي . هي ان قدم جو  ٻيو گروهه آهي .