شيخ رشيد کي گرفتاري بعد گم ڪرڻ تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان رپورٽ طلب

لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ شيخ رشيد کي گرفتاري بعد گم ڪرڻ تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاق، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين کي 22 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

شيخ رشيد ۽ سندس ڀائيٽي شيخ شاڪر  کي حراست ۾ وٺي گم ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي

 پٽيشنر جي وڪيل عبدالرزاق دليل ڏيندي چيو ته شيخ رشيد، سندس ڀائيٽي ۽ ملازمن کي حراست ۾ وٺڻ بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس اختياريون رابطو ڪرڻ باوجود معلومات نه پيون ڏين

شيخ رشيد سميت حراست ۾ ورتل سمورن ماڻهن کي عدالت آڏو پيش ڪري آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، عدالت شروعاتي دليل ٻڌڻ بعد وفاق، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا