ڊالر جي قيمت ۾ اڄ به وڏي گهٽتائي

ڪراچي: ملڪ ۾ 2 ڏينهن دوران اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 17 رپيا سستو ٿي ويو.
اڄ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 312 رپين تي بند ٿيو، گذريل ڏينهن ڊالر 5 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 323 رپين تي بند ٿيو هو، ٻه ڏينهن اڳ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 329 رپين جو هو.
ٻئي پاسي 2 ڏينهن ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 1.34 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.

Today