ٻارڙين سان لڄالٽ جا واقعا، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين جي جواب بعد فيصلو ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : نينگرين سان اجتماعي زيادتين وارا واقعا، اينٽي ريپ ٽرائل اينڊ انويسٽيگيشن ايڪٽ 2021 تي عملدرآمد لاءِ درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي

نادرا ۽ آءِ جي سنڌ طرفان عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ  ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري  کان جواب طلب ڪري ورتو

عدالت قانون ۽ انصاف واري  سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کان  به جواب طلب ڪري ورتو

ايڊووڪيٽ طارق منصور چيو ته هي انتهائي حساس ڪيس آهي، جنهن تي جسٽس عرفان سعادت خان چيو ته سمورا ڪيس اسان لاءِ حساس ھوندا آهن

عدالت چيو ته وفاقي ۽ صوبائي اختياريون جواب جمع ڪرائين ته پوءِ  فيصلو ڪنداسين، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ايڊووڪيٽ طارق منصور جو چوڻ هو ته  بدقسمتيءَ سان اسان وٽ قانون ته موجود آهي پر ان تي عمل نه ٿي رهيو  آهي، پوليس سڌارن جو قانون به ٺاهيو  ويو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو

هن چيو ته هڪ سال گذرڻ باوجود حڪومت  جواب جمع نه ڪرائي رهي آهي، زيادتيءَ جي ڪيسن ۾ عدالتي  ڪارروايون به قانون موجب نه ٿي رهيون آهن