پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي جي قيمت ۾ به واڌ

اسلام آباد:آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) تيل جي اگھن ۾ اضافي کان پوءِ ايل پي جي جي قيمتن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو.قيمن ۾ واڌ کان پوءِ في ڪلو ايل پي جي 38 رپيا 97 پيسا مهانگي ٿي وئي، اوگرا ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي 11.8 ڪلو گهريلو سلنڊر 459 رپيا 85 پئسا مهانگو ٿي 2 هزار 833 رپيا 49 پئسا ٿي ويو.قيمتن ۾ واڌ موجب في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 240 رپيا 12 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ٿيندي.

After petrol mine