بجلي جي بلن ۾ ريليف لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو: پاڪستان کان لکت ۾ پلان طلب

اسلام آباد: نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي بجلي جي ڳرن بلن ۾ گهٽتائي جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارين وچ ۾ ورچوئل رابطو ٿيو. نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پيريز سان رابطو ڪيو ۽ بجي جي بلن ۾ ريليف جي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون

ذريعن موجب ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي بجلي جي بلن ۾ واڌ کان پوءِ جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ بجلي جي بلن ۾ ريليف لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪري ڇڏيون.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف بجلي جي بلن ۾ ريليف لاءِ پاڪستان جي موقف تي بريفنگ ورتي ۽ بجلي جي بلن ۾ ريليف جي لاءِ پاڪستاني اختيارين کان لکت ۾ پلان گهري ورتو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان طرفان اڄ شام تائين آءِ ايم ايف کي لکت ۾ پلان اماڻڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جولاءِ ۾ ٽيڪس وصولين جي باري ۾ تفصيل سان ڳالهيون ڪيون. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ايف بي آر اختيارين ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٻيهر رابطو ٿيندو.