بٽگرام ويجهو رسي ٽٽڻ سبب چيئر لفٽ ڦاسي پئي، 6 شاگردن ۽ 2 استادن ريسڪيو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر پهچي ويو

پاڪ فوج بٽگرام ويجهو رسي ٽٽڻ سبب چيئر لفٽ ۾ 6 شاگردن سميت ڦاسي پيل 8 ڄڻن کي بچائڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڏنو ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آرمي جو ٻيو هيليڪاپٽر به پهچي ويو، ايس ايس جي ڪمانڊوز تي ٻڌل هڪ ٽيم به آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، بٽگرام جي پاشتو واري علائقي ۾ صبح 7 وڳي هڪ رسي ٽٽڻ بعد شاگرد چيئر لفٽ ۾ ڦاسي پيا هئا، ٻي رسي ٽٽڻ کانپوءِ چيئر لفٽ 900 فوٽن جي اوچائي تي هوا ۾ پاسيري حالت ۾ ٽنگيل آهي، ريسڪيو آپريشنز جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي انتهائي خطرناڪ ريسڪيو آپريشن آهي، هيليڪاپٽر جي هوا جي دٻاءَ سبب چيئر لفٽ جي آخري رسي به ٽٽي سگهي ٿي، چيئر لفٽ ۾ دل جو مريض هڪ ٻار بيهوش ٿي ويو آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته روز هڪ سئو کان ڏيڍ سئو ٻار چيئر لفٽ ذريعي اسڪول ويندا آهن