آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ پهريون اجلاس، سينيئر آفيسر شريڪ نه ٿيا

ڪراچي: سنڌ جي  مقرر ٿيل نئين آءِ جي رفعت مختار جي پهرين تعارفي اجلاس ۾ 6 سينئر پوليس آفيسر شريڪ نه ٿيا.

ذريعن موجب ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو، اي آءِ جي عمران يعقوب منهاس ۽ ٻيا اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا

آءِ جي سنڌ رفت مختيار کي پوليس هيڊ آفيس پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو آءِ جي سنڌ رفعت مختار شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر پڻ چاڙهي. جنهن کان پوءِ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ تعارفي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس، مظفر شيخ ۽ فرحت جوڻيجو شريڪ نه ٿيا.

نئون آءِ جي سنڌ رفت مختار سنڌ ۾ گريڊ 21 جي سمورن 6 آفيسرن کان جونيئر آهي، گريڊ 21 جي آفيسر رفعت مختار جو تعلق پوليس سروس جي 24هين ڪامن سان آهي. سنڌ پوليس ۾ صرف هڪ آفيسر خادم حسين رند بلوچ نئين آءِ جي رفعت مختار جي گروپ مان آهي جڏهن ته خادم حسين رند به رفعت مختار کان هڪ نمبر مٿي آهي.

19هين ڪامن جو اعليٰ ترين آفيسر عمران يعقوب منهاس ۽ مظفر شيخ ايڊيشنل آءِ جي آهي، ايڊيشنل آءِ جي فرحت جوڻيجو 21هين ڪامن جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو 22هين ڪامن سان آهي.

ايڊيشنل آءِ جي منير شيخ ۽ طارق شيخ 23هين ڪامن سان تعلق رکن ٿا جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي قادر قيوم به رفعت مختار کان سينئر پوليس آفيسر آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندڙ آفيسرز اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي شڪايت ڪئي هئي ته جونيئر آفيسر جي ماتحت ڪم ڪنداسين ته پوءِ سينارٽي لسٽ جو ڪهڙو فائدو آهي؟

The first meeting under the chairmanship of IG Sindh