عام چونڊن جون تياريون: تڪ بندين جي باضابطه طور تي شروعات اڄ کان ٿيندي

اسلام آباد: عام چونڊن جي تيارين بابت اليڪشن ڪميشن اڄ کان باضابطه طور تي تڪ بندين جي  شروعات ڪندو.

پهرين مرحلي جي تحت اڄ کان تڪ بندين بابت ڪميٽيون جوڙيون وينديون. تڪ بندين لاءِ ڪميٽيون وفاقي راڄڌاني ۽ صوبن جي لاءِ قائم ٿينديون.

تڪ بندين بابت جوڙيل ڪميٽيون ضلعي جي نقشن ۽ آبادي سميت ضروري ڊيٽا حاصل ڪنديون. ڪميٽيون 31 آگسٽ تائين ضلعي جي آدمشماري بابت رپورٽ سميت ٻئي ڄاڻ حاصل ڪندي. ٽئين مرحلي ۾  ڪميٽين جي چئن ڏينهن واري ٽريننگ جي شروعات پهرين سيپٽمبر کان ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن موجب 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين شروعاتي تڪ بنديون مڪمل ڪيون وينديون. 9 آڪٽوبر تي شروعاتي تڪ بندين جا تفصيل شايع ڪيا ويندا . اعتراضن يا تجويزون 10 آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين داخل ڪري سگهبيون.

اليڪشن ڪميشن 10 آڪٽوبر کان 9 سيپٽمبر تائين اعتراضن تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪندو. 14 ڊسمبر تي  حتمي تڪ بنديون مڪمل ٿينديون.