راڻيپور واقعو: ميڊيڪل بورڊ فاطمه ڦرڙو تي جسماني تشدد ۽ جنسي زيادتي جي تصديق ڪري ڇڏي

خانواهڻ: راڻيپور جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ معصوم نينگري فاطمه جي موت جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، ميڊيڪل بورڊ پنهنجي رپورٽ ۾ فاطمه تي تشدد سان گڏوگڏ جنسي زيادتي جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي

ان حوالي سان ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل پوليس سرجن امان الله ڀنگوار نينگري فاطمه ڦرڙو سان جنسي زيادتي تشدد جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پوليس سرجن امان الله بنگوار چيو ته نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ تشدد جا ثبوت مليا آهن.

ٻئي طرف ڊي آءِ جي سکر موجب ميڊيڪل بورڊ پاران شروعاتي رپورٽ ۾ ميڊيڪل بورڊ فاطمه سان جسماني تشدد جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،  جڏهن ته زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. جوابدارن کي حقيقتون مٽائڻ، لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ تي نامزد ڪيو ويندو

ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حويلي ۾ پوليس ڪيمپ قائم ڪري سمورن مردن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويندا جڏهن ته حويلي مان سمورن ٻارن کي فوري طور ريسڪيو ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن موڪلڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن

  • شيئر