سنڌ جي مختلف حصن ۾ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪمزور چوماسي هوائن جي واپسي سبب برساتن جو امڪان آهي.
موسمياتي ماهرن موجب نار بنگال ۾ هڪ ڪمزور شدت جو هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي، هوا جو گهٽ دٻاءُ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران وچ ڀارت تائين اچي سگهي ٿو.
موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته سسٽم جي اثر هيٺ گجرات ۽ عربي سمنڊ ۾ هوا ۾ سرڪوليشن ٺهڻ جو امڪان آهي، 20 کان 22 آگسٽ تائين ڪمزور چوماسي هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته آچر کان اڱاري تائين ٿرپارڪر، مٺي، بدين، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي برسات جو امڪان آهي.
موسمياتي ماهرن موجب حيدرآباد، ٺٽي، نوري آباد ۽ ڀر وارن علائقن ۾ به مينهن وسي سگهي ٿو، جڏهن ته آچر کان اڱاري دوران ڪراچي ۾ هلڪي مينهن جو امڪان آهي.