سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس(ر) مقبول باقر اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو

ڪراچي: سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس(ر) مقبول باقر اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.

تفصيل موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر جي حلف برداري تقريب اڄ منعقد ٿيندي. سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر کان حلف وٺندو

ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ  متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ٿيو هو.

جسٽس(ر) مقبول باقر 2005 ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو هو جسٽس(ر) مقبول باقر 2002 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. جڏهن ته 2013 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو. 4 اپريل 2022 تي جسٽس(ر) مقبول باقر سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان ريٽائرڊ ٿي ويو هو.